16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: سکر:فنڪشنل اڳواڻ سيد شفقت شاھ سان پي ايس 23 جي اميدوار محمد علي شيخ جي  ملاقات

Sukkur: Functional leader met Free candidate of PS 23 Muhammad Ali Shaikh*سکر ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي ضلعي صدر سيد شفقت شاھ سان پي ايس 23 جي ڊي اي  جي اميدوار محمد علي شيخ ملاقات ڪري ايندڙ اليڪشن ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

اڳوڻي ضلعي چيئرمين ،  سيد شفقت  شاهه سان سندس رھائش گاھ تي ملاقات ڪري ايندڙ اليڪشن ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهھ ڪئي.

 ان موقعي تي سيد شفقت شاھ چيو تھ  مخالفن جو سج لھي چڪو آھي.

سندس چوڻ هو تھ هن  ڀيري  مخالفن جون ضمانتون رد ٿي وينديون.

سيد شفقت شاهه وڌيڪ چيو تھ سنڌ ۾ پيرسائين پاڳاري جي اتحادي پارٽي جي ڊي اي جي حڪومت ٺھندي.

ھن چيو تھ  ملڪ کي تباھي ڪناري پھچائيندڙن کي عوام سان ڪيل ويساھ گھاتين جو حساب ڏيڻو پوندو.

ان موقعي تي فنڪشنل ليگ اڳواڻ فقير عنايت ٻرڙو ۽ ٻيا پارٽي ڪارڪن موجود ھئا

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: جوهي جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاج

جوهي برانچ جي زرعي پاڻي تي ڌاڙي خلاف احتجاج ڪندڙ آبادگار ڪراچي پهچي ويا، پر  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے