20 منگل , نومبر 2018

نالو تبديل ڪرڻ واري معاملي تي آنند سان ڪافي بحث ٿيو: سونم ڪپور آهوجا

A lot of discussion was discussed on the matter of changing the name: Sonam Kapoorممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ اداڪارا سونم ڪپور چيو آهي ته نالو تبديل ڪرڻ واري معاملي تي مڙس آنند آهوجا سان ڪافي بحث ٿيو. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب هڪ انٽرويو ۾ سونم ڪپور کان جڏهن سندس نالي بابت سوال ڪيو ويو ته هن چيو ته اها هڪ وڏي ڪهاڻي آهي جنهن تي هن جي پنهنجي مڙس سان ڪافي دير تائين بحث ٿيو.  ڇو ته مان پنهنجي نالي سان گڏ پنهنجي والد ۽ مڙس ٻنهي جو نالو لڳائڻ چاهيان پئي.  جنهن سبب پنهنجو نالو سونم ڪپور آهوجا رکيو. سونم ڪپور جي مڙس آنند آهوجا جي نالي تبديل ڪرڻ بابت هن چيو ته هو به پاڻ سان گڏ کائنس جوڙڻ چاهي پيو جنهن جي بنياد تي هن چيو ته هو به پنهنجو نالو تبديل ڪري آنند ڪپور آهوجا يا وري آنند آهوجا ڪپور رکندو، جنهن تي کيس چيم ته ان ۾ منهنجو نالو اچڻ گهرجي ڇو ته اسان سڀني جي نالي جي آخر ۾ پيءُ جو نالو ايندو آهي، پر ڪنهن جي نالي ۾ ماءُ جو نالو ناهي هوندو، ان سان گڏوگڏ ادڪارا سونم ڪپور آهوجا ان خواهش جو اظهار پڻ ڪيو ته سندس ٻارن جي نالي جي آخر ۾ هن جو نالو پڻ اچي جنهن سبب هن جي مڙس پنهنجو نالو آنند سونم آهوجا ڪري ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے