14 بدھ , نومبر 2018

نيوز: نئون ديرو: هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف  شهرين جو احتجاج، ترت بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو

Naudero: Protest against loadshedding , demands to restore electricity*نئين ديري ۾ بجلي جي  لوڊشيڊنگ خلاف  شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو .

شهرين پي ايس 10 جي اميدوار بچل منگي، نظير ڪٽپر، منظور ميراڻي ڪاليا کوکر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته لوڊ شيڊنگ سندن جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيوآهي.

 هنن ٻڌايو ته لوڊشيدنگ سبب سندن ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي ۽ سماجي سرگرميون معطل ٿي ويون آهن.

هنن چيو ته سيپڪو جي عملدارن جون زيادتيون وڌي ويون آهن ڳرا بل موڪلي مسڪين ماڻهن کي پريشان ڪيو پيو وڃي .

ان موقعي تي مڇريل شهرين سيپڪو جي ايس ڊي او نئون ديرو سجاد ميمڻ جي پتلي کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو .

هنن مطالبو ڪيو ته سندن شهر مان غيرقانوني ڊگهي لوڊ شيڊنگ ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| حيدرآباد: ڊاڪٽرن کي بنا سهولتن جي ٿر بدلي ڪيو پيو وڃي: ڊاڪٽر اڳواڻ

حيدرآباد ۾ پاڪستان  ميڊيڪل ايسوسي ايشن حيدرآباد جي صدر  رفيق الحسن کوکر چيو آھي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے