15 جمعرات , نومبر 2018

آمريڪي پرڏيهي آفيس جي ترجمان کي ٽرمپ لاءِ ڪم ڪرڻ تان هوٽل مان ٻاهر ڪڍيو ويو

The American Foreign Office spokesman was taken out of the hotel to work for the Trumpetليزنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان سارا سينڊر کي ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ ڪم ڪرڻ تي ريسٽورنٽ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. سارا سينڊر پنهنجي خاندان سان گڏ رات جي ماني کائڻ لاءِ ورجينيا جي هڪ ريسٽورنٽ وئي جنهن جي بڪنگ سندس مڙس جي نالي سان ٿي هئي. سار سينڊر جڏهن پنهنجي خاندان سميت ٽيبل تي وڃي ويٺي ته ريسٽورنٽ جي عورت مالڪ ولڪنسن کائنس اچي چيو ته توهان ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهيو، انڪري فوري طور تي مان ٻاهر نڪرو. سارا سينڊر ان واقعي کي ٽوئيٽر ذريعي عام ڪيو ۽ ٻڌايو ته کيس ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ ڪم ڪرڻ تي هوٽل مان نڪرڻ جو چيو ويو جنهن هو خاموشي سان ٻاهر نڪري آئي. هن لکيو ته هو سدائين ماڻهن سان مهذب انداز سان پيش ايندي آهي ڀلي سندس اڳيان مخالف ڇو نه هجي، پر اهڙي واقعي باوجود هو باعزت طريقي سان پنهنجو عمل جاري رکندي. هوڏانهن ريسٽورنٽ جي مالڪ ولڪنسن چيو ويو آهي ته هن جو اهو مڃڻ آهي ته سارا سينڊر انسانيت لاءِ ڪم ناهي ڪندي ۽ ٽرمپ جهڙي ظالم شخص جي ساٿاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غزه جي صورتحال تي سلامتي ڪونسل جو اجلاس بغير نتيجي جي ختم

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي بمباري ۽ غزه جي صورتحال تي غور لاءِ سلامتي ڪونسل جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے