20 منگل , نومبر 2018

تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي به ڪروڙ پتي نڪتو، جڏهن ته سندس گهرواريءَ جي پرڏيهه اڪائونٽس ۾ ساڍا پنج ڪروڙ رپين جا پرائز بانڊ آهن. تحريڪ انصاف جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ جي اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ جي اثاثن جي ماليت 28 ڪروڙ 36 لک 67 هزار رپيه ظاهر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سندس ڪفالت هيٺ ماڻهن جا پرڏيهه ۾ اڪائونٽس به آهن. شاهه محمود قريشيءَ جي لنڊن بئنڪ اڪائونٽس ۾ 88 هزار پائونڊ جڏهن ته سندس گهر واري جي پرڏيهي اڪائونٽ ۾ 26 هزار 512 پائونڊ موجود آهن. شاهه محمود قريشي ملتان ۾ 2، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ هڪ گهر جو مالڪ آهي، سندس بهاولپور ۾ به ٻن پلاٽن جي ملڪيت آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ جي وائس چيئرمين جي گلبرگ لاهور جي گهر جي قيمت 6 ڪروڙ 50 لک رپيه آهي. شاهه محمود قريشي ملتان ۾ قائم هڪ ڪروڙ ماليت جو گهر پٽ کي تحفي ۾ ڏنو، شاهه محمود قريشي تاج باغ لاهور ۾ ساڍي 6 مرلي جو پلاٽ گهر واري کي تحفي ۾ ڏنو. پي ٽي آءِ ڊي ايڇ اي بهاولپور ۾ 52 لک رپين جا 2 پلاٽ به زال کي تحفي ۾ ڏنا.  شاهه محمود قريشي وٽ 70 لک رپين جا سونا زيور آهن، جڏهن ته سندس استعمال هيٺ فرنيچر جي ماليت 20 لک رپيه آهي، وٽس هڪ ڪروڙ 49 لک جون 4 گاڏيون آهن، شاهه محمود قريشي جي نامزدگي ڪاغذن ۾ تعليمي قابليت بي اي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے