20 منگل , نومبر 2018

شريف خاندان جي برطانيا ۾ وڌيڪ اربين رپين جي ملڪيت هئڻ جو انڪشاف

Today, the Cabinet Committee will be summoned to take the name of the Sharif family in the ECLلنڊن ( ويب ڊيسڪ ) هڪ برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف خاندان جي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جنهن جو ڪيس هلي رهيو آهي اهو ته ڪجهه به ناهي پر هنن برطانيا ۾ ايتري ملڪيت ٺاهي آهي جنهن جو عام ماڻهو لاءِ تصور به ممڪن ناهي. ايون فيلڊ اپارٽمينٽس کانسواءِ پراپرٽي جو پتو لڳائڻ نهايت مشڪل آهي ڇو ته سموريون ملڪيتون هڪ ٻئي پويان قائم ڪمپنين، ٽرسٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس ذريعي خريد ڪيون ويون آهن ۽ هڪ ڄار وانگر آهن جنهن ۾ ڪو به ڦاسي سگهي ٿو. هڪ محتاط اندازي موجب شريف خاندان جي لنڊن ۾ پراپرٽي جي ويليو 500 ڪروڙ رپين کان به وڌيڪ آهي.  برطانوي اخبار ڊيلي ميل  موجب  شريف خاندان ۾ لنڊن ۾ مهانگي ترين علائقي مي فيئر ۾ 1993ع ۾ 4 فليٽس خريد ڪيا جنهن کي ملائي لگزري مينشن ٺاهي وئي آهي جنهن جي قيمت هن وقت  7 ملين پائونڊ هڪ ارب رپين کان به وڌيڪ آهي. اهڙي پراپرٽي جي خريداري جي سلسلي ۾ نواز شريف خاندان خلاف نيب جي عدالت ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، جيڪڏهن مني لانڊرنگ سميت ٻيا الزام ثابت ٿي ويا ته کيس 14 سال قيد جي سزا کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. نواز شريف جي خاندان تي الزام آهي ته هن ٻه نمبري جي پئسي سان ايون فيلڊ فليٽس کان مٿي به برطانيا ۾ 21 ملڪيتون خريد ڪيون آهن، جنهن ۾ گهڻي قدر وچ لنڊن جي علائقن مي فيئر، چيلسي ۽ بلغرايا ۾ موجود آهن. نواز شريف جي خاندان جي لنڊن ۾ ملڪيتن جي مجموعي ماليت 32 ملين پائونڊ 5 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. نواز شريف خاندان لنڊن ۾ خريد ڪيل ملڪيتن مان گهڻو پئسو ڪمايو آهي، مثال طور نهايت مهانگي جاءِ ون هائيڊ پارڪ ۾ نواز شريف جي پٽ حسن نواز جي هڪ پراپرٽي 43 ملين پائونڊ تقريب 7 ارب رپين ۾ وڪرو ٿي آهي. شريف خاندان جي لنڊن ۾ موجود ريئل اسٽيٽ کي به ڳولڻ سولو ڪم ناهي، ڇو ته سموريون ملڪيتون ڪيترين ئي ڪمپنين، ٽرسٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس ذريعي خريد ڪيون ويون آهن. پراسيڪيوٽر جو چوڻ آهي ته شريف خاندان گذريل ڪيترن ئي سالن کان برطانيا، سوئٽزرلينڊ، وچ اوڀر ۽ برٽس ورجن آئي لينڊ ۾ پئسا سيڙايا آهن. ٽرانپيرنسي انٽرنيشنل جو چوڻ آهي ته برطانيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ارب ڊالر جي ملڪيتن بابت شڪ آهي ته اهي مني لانڊرنگ ذريعي خريد ڪيون ويون آهن پر جڏهن شريف خاندان جي ڳالهه اچي ٿي ته برطانوي اختياريون نهايت سست رويو اختيار ڪري وٺنديون آهن. اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف جي خاندان لنڊن جي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس کانسواءِ 8 لک پائونڊ جي پراپرٽي سينٽ جارج وارف لنڊن ۾ خريد ڪئي آهي. لنڊن جي ڪيڊوگن اسڪوائر ۾ 2 ڏهائي 4 ملين پائونڊ 39 ڪروڙ رپين جي پراپرٽي به نواز شريف جي خاندان جي ملڪيت آهي.  شريف خاندان جي لنڊن يج علائقي ڊيوڪ اسٽريٽ قائم مينشن جي قيمت ٻه ڏهائي هڪ ملين پائونڊ تقريبن 34 ڪروڙ رپيه آهي. لنڊن ۾ ايٽن پليس ۾ قائم شريف خاندان جي پراپرٽي جي ماليت 7 ملين پائونڊ هڪ ارب رپين کان وڌيڪ آهي.  نواز شريف جي خاندان ايٽن پليس کانسواءِ ايٽن اسڪوائر ۾ به هڪ پراپرٽي خريد ڪئي آهي جنهن جي ماليت 49 ڪروڙ رپيه آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے