15 جمعرات , نومبر 2018

عامر خان گرو رجنيش ۽ عاليا ڀٽ شيلا جو ڪردار ادا ڪندي

Aamir Khan Guru Reinvestment and Alia Bhatt Shela will play the roleممبئي(شوبز نيوز) مسٽرپروفيڪشنسٽ عامر خان اڄ ڪلهه پنهنجي ايندڙ ميگا بجيٽ فلم”ٺگز آف هندوستان“  جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، ان بابت ڪجهه ڳرصي کان اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته هو ڪيترن ئي وڏيون فلمون ٺاهڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي. اطلاع آهن ته عامر خان هندو ازم جي ڪهاڻي ”مها ڀارت“ سميت ڪيترين اهم موضوعن تي فلمون ٺاهڻ ۽ انهن ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. خبرون آهن ته عامر خان جلد ئي هڪ بائيوگرافي فلم ۾ ڀارت جي ميوزڪ ڪمپني” ٽي سريز“ جي سربراهه سرڳواسي گلشن ڪامر جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو. ان سان گڏ اطلاع آهن ته عامر خان ڀارت جي تڪراري شخصيت هندو گرو رجنيش اوشو جي زندگي تي ٺهندڙ فلم هڪ فلم ۾ ان جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو. هاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر خبرون سامهون آيون آهن ته عامر خان جلد ئي پروڊيوسر ڪرن جوهر جي فلم ۾ تڪراري هندو اڳواڻ ڀڳوان رجنيش اوشو جو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب خبرون آهن ته رجنيش اوشو جي زندگي تي ٻڌل فلم ٺاهڻ جي حوالي سان منصوباندي جو ڪم جاري آهي، جنهن کي هلندڙ سال جي آخر تائين مڪمل ڪيو ويندو. رپورٽس موجب تڪراري گرو جي حياتي تي ٺهندڙ فلم ۾ کي ڪرن جوهر پريوڊيوس ڪندو، جڏهن ان جو هدايتڪاري ڪپور اينڊ سنز جيهڙي فلمن جي هدايتون ڏيندڙ شڪن بترا  ادا ڪندو.هن فلم جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن ۾ گرو رجنيش اوشو جي پرسنل سيڪريٽري ايم اي شيلا جو ڪردار عاليه ڀٽ ادا ڪندي نظر ايندي. جيڪڏهن اهي خبرون سچ ثابت ٿيون ته اهو پهريون موقعو هوندو ته عاليه ڀٽ شاهه رخ خان بعد باليووڊ جي سڀ کان وڏي خان يعني عامر خان سان گڏ اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي. اڃان اهو واضح ناهي ڪيو ويو ته فلم جي ڪهاڻي ڪير لکندو ۽ ان ۾ گرو رجنيش اوشو جي ٻين ساٿين جو ڪرادار ڪير ادا ڪندو. جڏهن ته امڪان آهي هلندڙ سال جي آخر تائين فلم جي ڪاسٽ جو حتمي اعلان ڪري ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ٻڌائي ويندي.ياد رهي ته رجنيش اوشو تاريخ جي تڪراري ترين گرو طور سڃاتو ويندو آهي، سندس حياتي تي هلندڙ سال آن لائن اسٽريمنگ ڪمپني” نيٽ فليڪس“ پڻ ٺاهي هئي ”وائلڊ وائلڊ ڪنٽري“ نالي هڪ دستاويزي فلم ريليز ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

مستقبل جي ڪنهن کي به خبر ناهي هوندي: سارا خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے