16 جمعہ , نومبر 2018

پاڪ- افغان سرحد تي دهشتگردن جي حملي ۾ سپاهي شهيد

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن پاڪ – افغان سرحد تي ڪنڊي دار تار لڳائيندڙ جوانن تي فائرنگ ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي شهيد ٿي ويو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور ٽوئيٽر تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته وطن لاءِ قوم جي هڪ ٻئي پٽ حياتي قربان ڪري ڇڏي. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سرحد تي ڪنڊي دار تار لڳائيندڙ پارٽي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي نياز علي شهيد ٿي ويو. 29 ورهين جي نياز جو واسطو مردان سان هو، جيڪو پاڪ – افغان بارڊر تي ڪنڊي دار تار لڳائڻ جي سيڪيورٽي تي مقرر هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس ڪٽاس راڄ مندر جو تلاءَ ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار خشڪ ڪيل ڪٽاس راڄ مندر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے