16 جمعہ , نومبر 2018

ن ليگ چوڌري نثار جي مقابلي لاءِ اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏئي ڇڏيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ڪاوڙيل پارٽي اڳواڻ چوڌري نثار جي مقابلي ۾ قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٻن ٻن سيٽن تي پنهنجي اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ن ليگ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 59 ۽ پي پي 10 لاءِ راجا قمر الاسلام کي ٽڪيٽ جاري ڪئي آهي، جڏهن ته ممتاز خان کي اين اي 63 لاءِ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. ن ليگ طرفان پي پي 13 تي چوڌري سرفراز احمد ۽ پي پي 19 تي ذيشان صديق بٽ کي ٽڪيٽ ڏني وئي آهي. پي پي 20 لاءِ راجا سرفراز اصغر ۽ پي پي 12 لاءِ فيصل قيوم ملڪ کي پارٽي ٽڪيٽ ملي آهي. واضح رهي ته چوڌري نثار قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 59، اين اي 63 ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ پي پي 10 ۽ پي پي 12 تان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس ڪٽاس راڄ مندر جو تلاءَ ڀرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار خشڪ ڪيل ڪٽاس راڄ مندر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے