13 منگل , نومبر 2018

هاڪي چيمپيئنز ٽرافي جي ٻي ميچ ۾ به پاڪستان کي شڪست

بريڊا (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي هاڪي ٽورنامينٽ جي ٻي ميچ ۾ به گرين شرٽس کي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو آهي ۽ آسٽريليا جي ٽيم پاڪستان کي 1-2 تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. هالينڊ جي شهر بريڊا ۾ جاري ايونٽ ۾ پاڪستاني ٽيم پنهنجي ٻي ميچ آسٽريليا خلاف کيڏي، جنهن ۾ گرين شرٽس سٺي راند جو مظاهرو ڪيو. ميچ ۾ پهرين سرسي به پاڪستاني ٽيم حاصل ڪئي، اهو گول احمد اعجاز اسڪور ڪيو پر پهرين ڪوارٽر جي آخر ۾ آسٽريليا مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ ٻئي ۽ ٽئين ڪوارٽر ۾ ڪو گول نه ٿي سگهي پر چوٿين ڪوارٽر ۾ آسٽريلوي رانديگر ٽرينٽ اهم گول ڪري ٽيم کي سرسي ڏياري ڇڏي، جنهن کانپوءِ پاڪستاني رانديگر سخت ڪوششن باوجود گول ڪو نه ڪري سگهيا. اهڙي ريت آسٽريليا جي ٽيم ميچ 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. واضح رهي ته ايونٽ جي افتتاحي ميچ ۾ پڻ پاڪستان کي ڀارت هٿان 0-4 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم عمران خان سان قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف اسٽاف جي ملاقات

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان سان قطر جي هٿياربند فوج جي چيف آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے