20 منگل , نومبر 2018

ترڪي جي صدارتي چونڊن ۾ رجب طيب اردگان ڪامياب

Erdogan succeeded in Turkish presidential electionsانقرا(ويب ڊيسڪ) ترڪي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گڏ ٿيندڙ صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ سندس پارٽي جسٽس اينڊ ڊيولپمنٽ پارٽي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي. ترڪي جي صدارتي چونڊن ۾ ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن موجب تقريبن 53 سيڪڙو ووٽ طيب اردگان حاصل ڪيا. ترڪ ميڊيا جي رپورٽن موجب مخالف ڌر اميدوار محرم انجي 31 سيڪڙو ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي رهيو. ڪاميابي بعد ريلي کي خطاب ڪندي رجب طيب اردگان چيو ته عوام هن کي صدارت لاءِ مينڊيٽ ڏئي ڇڏيو آهي. هن چيو عدليا جي اعتماد وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رهنديون. ترڪي جي مقامي وقت موجب پولنگ صبح 8 وڳي شروع عي جيڪا شام 5 وڳي تائين بنا وقفي جي جاري رهي ۽ پاڪستان وقت موجب شام 7 وڳي ووٽنگ جو عمل مڪمل ٿيو. ترڪ ميڊيا موجب چونڊن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 87 سڪيڙو رهيو. پارلياماني چونڊن ۾ به طيب اردگان جي پارٽي جسٽس اينڊ ڊيولپمنٽ پارٽي ڪاميابي ماڻي. پارلياماني چونڊن لاءِ پڻ ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي جنهن موجب جسٽس اينڊ ڊيولپمنٽ پارٽي 43 سيڪڙو ووٽ کڻي سڀ کان اڳڀري رهي.ترڪي جي تاريخ ۾ اهو پهريون ڀيرو هو جو صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن گڏ ٿيون هجن. ۽ صدارتي چونڊن لاءِ رجب طيب اردگان سميت 6 اميداوار ميدان ۾ لٿل هئا، جن ۾ محرم انجي، ميرل ايڪسينر، سلاحيتن ديمارتس، تيمل، دوگو پرينسڪ شامل هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

APEC leaders divided after US, China spat

ايشيا پيسيفڪ اقتصادي تنظيم جو اجلاس چين-آمريڪا واپاري تڪرار جي ور چڙهي ويو

پاپوانيوگائنيا (ويب ڊيسڪ ) ايشيا پسسيفڪ اقتصادي سهڪار تنظيم جو اجلاس چين ۽ آمريڪا جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے