20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ادارن ۾ رابطي جي کوٽ آهي، نگران وزيراعظم پاڻ بجلي ۽ پاڻي جا مسئلا ڏسي: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ادارن ۾ رابطن جو فقدان آهي، رپورٽ پيش ڪئي ويندي آهي پر ڪم نه ٿو ڪيو وڃي، نگران وزيراعظم کي درخواست ڪندس ته هو پاڻ بجلي ۽ پاڻي جي مسئلن کي ڏسي، تيستائين نه اٿي جيستائين مسئلي جو حل نه نڪري، ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول تي پهچي چڪي آهي، برسات نه ٿي ته پاڻي ڪٿان ملندو. اسلام آباد ۾ پاڻي جي کوٽ بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان اڳڀرائي واري رپورٽ ڪهڙي آهي، پاڻي جي فراهمي ميونسپل ڪارپوريشن جي ذميواري آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته اسلام آباد جي ضرورت روزاني 120 ملين گيلن پاڻي آهي، شهري علائقن ۾ 58 ڏهائي 71 ملين گيلن پاڻي روزاني فراهم ڪيو پيو وڃي، چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته پاڻي جي فراهمي ڪهڙن ذريعن کان ٿي رهي آهي، جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته پاڻي جي فراهمي سملي ۽ خانپور ڊيم سان ٿيندي آهي، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته خانپور ڊيم ۾ پاڻي جي ليول خطرناڪ سطح جي ويجهو آهي، جڏهن ته سملي ڊيم ۾ به پاڻي ڊيڊ ليول جي ويجهو آهي. ميونسپل ڪارپوريشن جي اختيارين عدالت کي آگاهه ڪيو ته ٽن سالن کان گهٽ برسات ٿي رهي آهي، جنهن سبب ڊيمن ۾ پاڻي جي سطح گهٽ ٿي آهي، جسٽس ثاقب نثار چيو ته اڏاوتن سبب زمين هيٺ پاڻي جي سطح مٿي نه اچي رهي آهي، برسات نه ٿي ته پاڻي ڪٿان ملندو؟  اسلام آباد جا ماڻهو پاڻي کانسواءِ رهي نه ٿا سگهن، ميونسپل اختياريون ٻڌائين ته پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪهڙو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته رپورٽس اچي وينديون آهن پر اڳڀرائي نه ٿيندي آهي، حڪومت ڪٿي آهي؟ حڪومت جو ٻڌايو ته گهرائي وٺون ٿا، ادارن ۾ ڪو به رابطو ناهي، هر ادارو ٻين تي ذميواري وجهي ٿو،  آبي منصوبي لاءِ بجيٽ ۾ رقم مخصوص ٿي چڪي آهي، رقم جي آخري منظوري وفاقي سرڪار کي ڏيڻي آهي، نگران حڪومت به اها منظوري ڏئي سگهي ٿي، سمورن ادارن کي گڏجي فيصلا ڪرڻ گهرجن. چيف جسٽس نگران حڪومت جي نامڪمل ڪابينا بابت رمارڪس ڏيندي چيو ته وفاقي سرڪار اڃا تائين پنهنجا ماڻهو پورا نه ڪري سگهي آهي، ڇا وفاقي سرڪار رڳو پنجن ماڻهن جي سهاري هلي سگهي ٿي، هڪ ڏينهن ۾ ڪيترائي فائل اچن ٿا ڇا هڪ ماڻهو ايترن فائلن جو جائزو وٺي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڻي ۽ بجلي جي معاملن تي هنگامي طور ڪم ڪرڻو پوندو، وزيراعظم کي درخواست ڪندس ته پاڻي ۽ بجلي جو معامل پاڻ ڏسي ۽ جيستائين مسئلن جو حل نه ڪري ٻاهر نه اچي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب مون تي ڪيس ڪري پڇتائيندي: خورشيد شاهه

سکر(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نيب مون تي ڪيس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے