13 منگل , نومبر 2018

نيوز: گهوٽڪي: ڳوٺ گنجي چاچڙ ۾ سنڌ نيشنل بينڪ  پاران  ڪوڏي ڪوڏي ٽورناميٽ منعقد

Ghotki: Sindh National bank arranged Kabaddi tournament in Village ganjo chachar*گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ گنجي چاچڙ ۾ سنڌ نيشنل بينڪ  پاران  ڪوڏي ڪوڏي ٽورناميٽ ڪرايو ويو.

نيشنل بينڪ ۽ سماجي تنظيم رورل سپورٽ ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي سهڪار سان منعقد ڪرايل ڪوڏي ڪوڏي ٽورنامينٽ ۾ سنڌ ۽ بلوچستان  جي رانديگرن حصو ورتو.

 ڪوڏي ڪوڏي جي فائينل ۾ سکر ڊويزن ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ سکر ڊويزن جي ٽيم ميدان ماري ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي.

 ونر ٽيم جي ڪپتان ممتاز رند کي 30 هزار روڪ ۽ ٽرافي ڏني وئي جڏهن ته هارائيندڙ ٽيم جي ڪپتان جانب علي عمراڻي کي 20 هزار روڪ ۽ ٽرافي ڏني وئي.

 ان موقعي تي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت ڪندڙمهمان خاص اڳوڻي وڏي وزير جي معاون سياسي سماجي اڳواڻ مير علي نواز خان چاچڙ،  سڪندر چاچڙ  ۽ بين چيو تھ  اهڙي قسم جا پروگرام ٿيڻ سان هتان جي ماڻهن کي تفريح وارو ماحول ملندو.

 هنن چيو تھ  جتي راندين جا ميدان آباد هوندا آهن اتي اسپتالون ويران  ٿي وينديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے