18 اتوار , نومبر 2018

عدالت جو ميشا شفيع کي علي ظفر خلاف گُٿا لفظ استعمال نه ڪرڻ جو حڪم

Judge Masha Shafi not to use the word against Ali Zafarلاهور(شوبز نيوز) سيشن ڪورٽ ڳائڻي ميشا شفيع کي علي ظفر جي خلاف گُٿن لفظن جي استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ اداڪارا ميشا شفيع جي خلاف ساک کي نقصان پهچائيندڙ دعويٰ تي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل سيشن جج علي ظفر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ علي ظفر جي وڪيل طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته ميشا شفيع  بنا جواز هراسان ڪرڻ جا الزام لڳايا، ميشا شفيع سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙا الزام لڳايا جنهن سبب علي ظفر جي سڄي دنيا ۾ ساک متاثر ٿي، انڪري عدالت ميشا شفيع کي سئو ڪروڙ رپين جو ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏئي. جنهن تي عدالت ميشا شفيع کي علي ظفر جي خلاف گُٿا لفظ استمعال ڪرڻ کان روڪيندي نوٽيس جاري ڪندي کائنس جواب طلب ڪري ورتو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سلمان خان جي فلم ”ٽيوب لائٽ“ جي ڪوريوگرافر انساني اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار

ممبئي (شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم” ٽيوب لائٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے