20 منگل , نومبر 2018

اپيلٽ ٽربيونل عليم خان کي چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اپيلٽ ٽربيونل اين اي 129 تان تحريڪ انصاف اميدوار عليم خان کي ڪليئر قرار ڏئي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.  پ پ اميدوار افتخار شاهد جي عليم خان خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته عليم خان نامزدگي ڪاغذن ۾ آف شور ڪمپني کي لڪايو. هن چيو ته عليم خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن. اپيلٽ ٽربيونل پ پ اميدوار افتخار شاهد جي اپيل رد ڪندي چيو ته آر او حقيقت جي ابتڙ فيصلو ڪيو. ٽربيونل تحريڪ انصاف جي اميدوار عليم خان کي ڪليئر قرار ڏئي کيس چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے