13 منگل , نومبر 2018

رنوير سنگهه جي ٻالڪپڻ جي تصوير ڏسي دپيڪا حيران، ٻين اداڪان جا دلچسپ تبصرا

Seeing the picture of Renegiv Singh's picture of Puppy's surprise, interesting surprises of other playsممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار رنوير سنگهه اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي پنهنجي مختلف انداز جي تصويرون شئير ڪري مداحن کي حيران ڪندو رهندو آهي، پر هاڻ هن پنهنجي ٻالڪپڻ جي هڪ تصوير پوسٽ ڪندي پنهنجي بهترين دوست ۽ امڪاني لائف پارٽنر کي به حيران ڪري ڇڏيو. رنوير سنگهه گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي پنهنجي ٻالڪپڻ جي هڪ تصوير شئير ڪئي، جنهن ۾ هو هڪ ڪنهن به پاسي کان رنوير سنگهه ناهي لڳي رهيو، پر وارن جي اسٽائل کي ڏسي ڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته کيس ننڍپڻ کان ئي فيشن ۽ اسٽائلنگ جو تمام گهڻو شوق رهيو آهي. اداڪار تصوير سان گڏ ڪيپشن ۾ لکيو ته 1985 کان هر شيءَ ۾ شروعات ڪندڙ. هتي هن ”Avant garde“  جا لفظ استعمال ڪيا، جنهن مان مراد هڪ اهڙو انسان آهي جيڪو هر شيءَ، هر فيشن يا آئڊيا ۾ اڳرائي ڪري ۽ باني جو ڪردار ادا ڪري. هاڻ اداڪار رنوير سنگهه ته اها پوسٽ ڪري ڇڏي، پر دپيڪا کي شايد يقين ناهي آيو ته اهو رنوير ٿي سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هن هڪ ايموجي سان گڏ تبصرو ڪيو ”نه نه نه نه “ جنهن تي رنوير سنگهه به روبرو جواب ڏيندي لکيو ته ”بدقسمتي سان ها“  ياد رهي ميڊيا ۾ اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته دپيڪا ۽ رنوير هلندڙ سال 10 نومبر تي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا، ٻئي اداڪار اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي هڪ ٻئي جي پوسٽن تي دلچسپ تبصرا ڪندا رهندا آهن.رنوير سنگهه جي ٻالڪپڻ واري تصوير ارجن ڪپور سميت ٻين باليووڊ ستارن پڻ دلچسپ تبصرا ڪيا. ريپر بادشاهه تبصرو ڪندي لکيو ته اهو لونڊو جتي به نظر اچي کيس پڪڙي جيل حوالي ڪيو. يش راج فلمز جي ڪاسٽنگ ڊائريڪٽر شانو شرما لکيو ته هن کي خوشي آهي جو هوءَ توهان سان پهريان نه ملي، نه ته توهان کي چائلڊ آرٽسٽ ولن جي طور تي ڪاسٽ ڪيو وڃي ها. هوڏانهن باليووڊ جي سينيئر اداڪار انيل ڪپور ان تصوير کي ٽوئيٽر تي شيئرڪندي لکيو ته جڏهن هڪ پارٽي ۾ پهريون ڀيرو اهو لُک ڏٺو هو ته مان ٻڌايو هو ۽ مان هاڻ به ٻڌائي رهيو آهيان توهان گهڻو اڳتي ويندا ۽ راڄ ڪندا ۽ چيتا ۽ اهو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سارا علي خان پنهنجي ويڳي ماءُ جي نقش قدم تي هلڻ جي خواهشمند

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ نئي نئي انٽري ڏيندڙ اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے