18 اتوار , نومبر 2018

اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذن ۾ شق اين تحت ٻڌايل دلچسپ ڪارناما

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ نامزدگي ڪاغذ جي فارم جي قسم نامي جي شق اين هڪ تحت اميدوارن کي پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائڻ لازمي قرار ڏنو هو پر فارم ۾ اميدوارن هڪ کان وڌيڪ هڪ ڪارناما ٻڌايا جنهن جي بنياد تي رٽرننگ آفيسرن فارم رد ڪري ڇڏيا. اسلام آباد جي اپيلٽ ٽربيونل جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي جج نامزدگي ڪاغذ رد ٿيندڙ اميوارن جا جواب پڙهي مسڪرائڻ تي مجبور ٿي ويو.  اميدوارن کي ٻڌائڻو هو ته هنن پنهنجي تڪ جي عوام جي ڀلائي لاءِ ڪهڙا ڪم ڪيا جنهن تي هڪ اميدوار لکيو ته هن ٻي شادي نه ڪئي.  جسٽس محسن اختر ڪياني اليڪشن ڪميشن جي نمائندن کان پڇاڻو ڪيو ته فارم انگريزي ۾ ئي هو ۽ اردو ۾ به جاري ڪيو ويو. جج چيو ته اڪثر اميدوارن کي سوال ئي سمجهه ۾ نه آيو ۽ ڪجهه اميدوارن اهو به لکي ڇڏيو ته هنن ٻئي شادي نه ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي قسم نامي جي شق اين ۾ لکيو ته مان پنهنجو وقار برقرار رکيو ۽ ٽيڪس ادا ڪئي. ڪجهه اميدوارن لکيو ته اسان کي فنڊ ئي جاري نه ڪيا ويا. اپيلٽ ٽربيونل اليڪشن ڪميشن جي نمائندن کان پڇاڻو ڪيو ته اهڙي قسم جي غلطين بعد اميدوارن کي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏئي سگهجي ٿي، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن رهنمائي ڪري.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم قوم کي 100 ڏينهن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪندو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان پنهنجي حڪومتي دور جا 100 ڏينهن پورا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے