13 منگل , نومبر 2018

ڪالاباغ ڊيم قومي سلامتي جي قيمت تي نه ٺهڻ گهرجي: شهباز شريف

Shahbaz Sharif presented four names for the Chief Minister of Punjabڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم قومي اتحاد جي قيمت تي نه ٿو ٺهي سگهي، جيڪڏهن الله چاهيو ۽ موقعو مليو ته ڀاشا ڊيم تي پنجن سالن ۾ 70 کان 80 سيڪڙو ڪم ٿي ويندو، ڊيم مان 4 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي. فيڊريشن هائوس ڪراچيءَ ۾ صنعتڪارن کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪراچيءَ لاءِ رڳو صوبائي حڪومت جي بجيٽ ۾ مخصوص ڪيل رقم ڪافي نه هوندي، رڳو صوبائي فنڊ تي نه ڀاڙيو وڃي، وفاقي سرڪار کي به ڪراچيءَ لاءِ بجيٽ ۾ ساليانو فنڊ مخصوص ڪرڻو پوندو. هن چيو ته  جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ڪراچيءَ ۾ خوف جو راڄ هو،  ڀتا خوري، ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشتگردي هئي، توانائي بحران سبب برآمد کي نقصان پهچي رهيو هو پر اسان جي حڪومت ڪراچيءَ جون روشنيون بحال ڪيون، 2013ع ۾ پاڪستان کي توانائي، دهشتگردي جا 2 وڏا چئلينج درپيش هئا، اسان جي حڪومت ٻنهي مسئلن تي ضابطو آندو، غلط بياني يا پنهنجي تعريف مان ڪم نه وٺڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته لوڊشيڊنگ جو مسئلو 90 سيڪڙو حل ڪيو ويو آهي، بجلي جي چئن پلانٽس ۾ 112 ارب رپين جي بچت ٿي آهي، سي پيڪ مسلم ليگ ن جي دور ۾ شروع ٿيو ۽ سي پيڪ پهرين دور ۾ اچي وڃي ها جيڪڏهن 6 مهينا ڌرڻا نه لڳن ٿا. شهباز شريف چيو ته ڌرڻن دوران قوم جو قيمتي وقت ضايع ڪيو ويو، ماضي جي ڪارڪردگي کانسواءِ ووٽ ڏيڻ جو ڪو پئمانو نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته پنجن سالن دوران بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري، هاڻي عوام اسان کي ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندو. سندس چوڻ هو ته ڪالاباغ ڊيم قومي اتحاد جي قيمت تي نه ٿو ٺي سگهي جيڪڏهن الله چاهيو ۽ موقعو مليو ته ڀاشا ڊيم تي پنجن سالن ۾ 70 کان 80 سيڪڙو ڪم ٿي ويندو، ڊيم مان  4 هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ٿيندي، ٽن سالن ۾ ڪراچي جي گهر گهر کي پاڻي ملندو. شهباز شريف چيو ته ميٽرو ۽ اورنج ٽرين رٿائون ڪراچيءَ کي به ملڻ گهرجن، شهر ۾ ون ونڊو آپريشن شروع ڪيو يندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے