ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي راڄڌاني ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ ۽ وڌندڙ بحران تي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪپتان شاهد آفريديءَ بيان جاري ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پاڻي جي بحران تي مختلف سياسي جماعتن ۽ غير سرڪاري تنظيمن آواز اٿاريو آهي، ۽ سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان بحث جاري آهي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار ڪرڪيٽر شاهد آفريد به پاڻي جي بحران تي آواز اُٿاريو آهي ته سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئيٽر تي بيان ڏنو آهي. شاهد آفريديءَ پنهنجي ٽوئيٽر پوسٽ ۾ لکيو آهي ته پاڪستان کي ٺهي 70 ورهيه گذري ويا پر ڪراچي شهر جيڪو پاڪستان جي شه رڳ جي حيثيت رکي ٿو ان جا مسئلا اڄ تائين حل ناهن ٿي سگهيا. هن وڌيڪ چيو ته سمنڊ جو ڪنارو هئڻ باوجود هن شهر جا رهواسي پاڻي جي قطري قطري لاءِ ترسي رهيا آهن. حڪومتون آيون ۽ ويون پر شهر ۾ پاڻي جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو. اڳوڻي ڪپتان سوال ڪيو ته آخر ڪيستائين پاڻيءَ جو مسئلو حل ٿيندو؟
Tags ShahidAfridi sindhinews waterissueinkarachi
هي به ڏسي سگهو ٿا
پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اليڪشن ترميمي بل 2018 جي منظوري ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اليڪشن ترميمي بل …