11 منگل , دسمبر 2018

نيوز: قمبر: عورت جو مڙس جي قتل ۾ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

Qambar: Protest for arresting the murderer of woman's husband* قمبر ويجهو  عورت مڙس جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مسمات صاحب خاتون  پنهنجي  يتيم ٻارن سميت نٽهڻ اس ۾ قمبر پريس ڪلب آڏو احٽجاجي مظاهرو ڪيو.

 ان موقعي تي عورت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  ٽي مهينا اڳ هنجي مڙس گلزار ڪوريجو کي مسمات فريد، ارباب خاتون گهر کان ڪنهن بهاني وٺي ويون.

هن چيو تھ  سندس مڙس کي هنن  قتل ڪرائي لاش ڳوٺ جي زرعي زمين ۾  ڦٽو ڪري ڇڏيو  هو .

 سندس چوڻ هو تھ جوابدار بااثر  ماڻهو آهن ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن .

متاثر عورت چيو تھ هنجي  زرعي زمين  تي  جوابدارن قبضو ڪيو آهي.

بيواهه عورت صاحب خاتون جي حمايت ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اميدوار نواب الدين چانڊئي ،  محمد جان بروهي، برڪت ميرجت ۽ ٻين  چيو تھ هو  ڀيڻ کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ساڻس گڏ آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عدالت پاران انڊس اسپتال جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي قبر ڪشائي جو حڪم

بدين ۾ ھڪ مھينو اڳ انڊس اسپتال انتظاميه جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل ٽن مھينن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے