16 جمعہ , نومبر 2018

آئيفا ايوارڊ 2018: ليجنڊري اداڪارا ريکا جي 20 ورهين بعد  ”سلام عشق“ گيت تي رقص

IFA Awards 2018: After 20 years of the legendary actor Rakka, "Salam Aushaat" song dancedبئنڪاڪ(شوبز نيوز) باليووڊ جي سينيئر اداڪارا ريکا 20 ورهين بعد آئيفا ايوارڊ ۾”سلام عشق“ ۽ ”پيار ڪيا ٿو ڊرنا ڪيا“ گيت تي رقص ڪري محفل لُٽي ورتي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب 19هين آئيفا ايوارڊ 2018 جو ميلو بئنڪاڪ ۾ سجايو ويو جتي باليووڊ ستارن شرڪت ڪري ايوارڊ تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. تقريب جو مزو تڏهن ٻيڻو ٿي ويو جڏهن باليووڊ اداڪارا ريکا 1978 ۾ ريليز ٿيندڙ پنهنجي فلم مقدر ڪا سڪندر جو مشهور گيت سلام عشق تي هڪ ڀيرو ٻيهر رقص ڪيو جيڪو ڏسڻ وٽان هو.  اداڪارا جيئن اسٽيج تي آئي ته تقريب ۾ موجود ۾ شرڪت ڪندڙ شور ڪرڻ لڳا، اداڪارا طرفان 20 ورهين بعد اهڙي پرفارمنس سان سب تمام گهڻو محفوظ ٿيا. ريکا سال 1960 ۾ ريليز ٿيل فلم مغل اعظم جي مشهور گيت پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا تي پڻ بهترين رقص ڪيو. ايوارڊن واري تقريب ۾ ارجن ڪپور، ورون ڌون، آيوشمان کرانا، ڪريتي سينين ۽ شرڌا ڪپور پڻ پنهنجي پرفارمنس سان ڏسندڙن کان تمام گهڻو داد حاصل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن احد ۽ مومنه ڪوڪو ڪورينا ڳائي سگهن ٿا ته جگر جلال ڇو نه؟

ڪراچي(شوبز نيوز)ڪوڪ اسٽوڊيو سيزن 11 ۾ گذريل مهيني احد رضا مير ۽ مومنا مستحسن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے