16 جمعہ , نومبر 2018

پولنگ جو وقت صبح ست کان 7 کان رات 8 وڳي تائين رکيو وڃي: فواد چوڌري

PTI has objected to Advocate General's Punjab's appointment in Asma Hamidلاهور ( ويب ڊيسڪ ) تحريڪ انصاف پولنگ جو وقت صبح ست وڳي کان رات 8 وڳي تائين ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري چيو ته   گرمي تمام گهڻي هوندي، تنهن ڪري پولنگ پنجن وڳي تائين مڪمل ٿيڻ ممڪن ناهي. هن چيو ته منجهند جو گرمي جي شدت گهڻي هئڻ سبب پولنگ ٻن ٽن ڪلاڪن تائين بند ٿيڻ جو امڪان آهي.  هن چيو ته افتخار چوڌري ۽ سندس خاندان ايڊن هائوسنگ اسڪينڊل ۾ ملوث آهي پر افتخار چوڌري خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته احتساب جي عمل جي شفافيت لاءِ احتساب ضروري آهي،نيب فوري طور ڪارروائي ڪري. فواد چوڌري چيو ته افتخار چوڌري جيڪا شاهاڻي زندگي گذاري رهيو آهي وٽس پئسو ڪٿان آيو آهي، انصاف نه مليو ته ماڻهو نيب کي شڪ جي نظر سان ڏسندا.  هن چيو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان جي ڪرپشن جو وڏو داستان آهي، نواز شريف جي نين ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جون ملڪيتون انگلينڊ کانسواءِ سعودي عرب، يو ڪي، قطر ۽ دبئي ۾ به آهن، نواز شريف جي ملڪيت ۽ سندس ڪارناما سامهون اچڻ گهرجن.  فواد چوڌري چيو ته مريم نواز چوندي هئي ته ڪابه پراپرٽي ناهي، جڏهن ته هاڻي هر هنڌ سندس ملڪيت نڪري رهي آهي. هن چيو ته نواز شريف ۽ مريم نواز کي گهرجي ته پنهنجي ملڪيتن جو جواب ڏين. سندس چوڻ هو ته هڪ خاندان کي اجازت ڪئين ٿي ڏئي سگهجي ته 30 هزار ڪروڙ رپيه ملڪ مان ٻاهر کڻي وڃن، اسحاق ڊار کي شاهد خاقان عباسي پنهنجي جهاز ذريعي ڀڄايو، اسحاق ڊار 6 هزار رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آهي. فواد چوڌري چيو ته اسحاق ڊار جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي، بي شرمي جي جيڪڏهن ڪنهن کي تصوير ڏسڻي آهي ته اسحاق ڊار کي ڏسي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے