13 منگل , نومبر 2018

نيوز: عادلپور: چاچڙ برادري جو ڪٺ، بنيادي مسئلا حل ڪرائيندڙ اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو

Adalapur: The squad of the Chachra  community, the decision to resolve the main problem solving candidates* عادلپور ڀرسان چاچڙ برادري جو ڪٺ سڏايو ويو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو تھ جيڪو سندن ڳوٺ جا بنيادي مسئلا حل ڪندو ان کي هو ووٽ ڏيندا.

ڳوٺ ڦل چاچڙ ۾ڏھن  کان وڌيڪ ڳوٺن جي چڱن مڙسن ربنواز چاچڙ،  وڏيري علي نواز چاچڙ ، ڌڻي بخش گڏاڻي  سميت چاچڙ برداري جي ماڻھن  گڏاڻي برادري ۽  ملڪ  برادري جي ماڻھن  جو ڪٺ سڏايو ويو.

ان موقعي تي هنن  پاڪ ڪتاب   کڻي عهد ڪيو تھ  جيڪو هنن جي ڳوٺن جا مسئلا حل ڪندو هو ان کي ووٽ ڏيندا.

هنن چيو تھ چونڊيل نمائندن گذريل ڏهن سالن ۾ ڪوبھ ترقياتي ڪم ناهي ڪرايو، ڳوٺ ۾ اسپتال، اسڪول  ۽ گئس سميت ڪابھ سهولت ميسر ناهي.

هنن چيو تھ هاڻي هو  انهن نمائندن کي ووٽ ڏيندا،  جيڪي هنن  جي  ڳوٺ جا مسئلا حل  ڪرائڻ جو واعدو ڪندو….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: خيرپور: “سي پيڪ ڇا آهي” جي عنوان سان اين ايل سي ۾ سيمنار

خيرپور ۾ سي پيڪ ڇا آهي جي عنوان سان اين ايل سي ۾ سيمنار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے