17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: جروار: معصوم نينگر ٻن سالن کان ڦڦڙن جي بيماري ۾ ورتل، علاج ڪرائڻ جي اپيل

Jarwar: Innocent  apply for treatment for two years, illness infections* جروار ويجهو معصوم نينگر   گذريل ٻن سالن کان ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا آهي، وارثن سندس علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ڳوٺ صاحب خان لنڊ جو  15 ورهين جو نينگر    وڪيل احمد لنڊ  گذريل ٻن سالن کان ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا آھي.

نينگر جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  سول اسپتال سکر ۾ نينگر جي ڦڦڙن جو  آپريشن ڪيو ويو هو.

هنن چيو تھ  ٻه سال گذرڻ  باوجود   آپريشن وارو زخم  اڃا تائين ڀرجي نه سگھيو آھي ھاڻي   زخم ناسور بڻجي ويو آھي.

 نينگر جي والد عبداللطيف لنڊ ٻڌايو ته ڊاڪٽرن جي ڪوتاھي سبب آپريشن ٺيڪ طرح نه ٿيو آھي ۽ پٽ جو زخم ناسور بڻجي ويو آھي.

نينگر جي پيءُ وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ سندس پٽ جي علاج ۾ مدد ڪري  سندس زندگي بچائي وڃي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ضلعي ڪائونسل جي ميمبر ڪلين سٽي پروگرام شروع ڪري ڇڏيو

ڏھرڪي ۾ ٽائون ڪاميٽي پاران شھر اندر صفائي نھ ڪرائڻ بعد ضلعي ڪائونسل جي ميمبر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے