20 منگل , نومبر 2018

آئيفا ايوارڊ 2018: عرفان خان ۽ سري ديوي سال جا بهترين اداڪار قرار

IFFA Awards 2018: Arafan Khan and Sadi as the best actor for the year of the yearبئنڪاڪ(شوبز نيوز) باليووڊ جي ٻئي سڀ کان وڏي آئيفا ايوارڊ ۾ فلم”هندي ميڊيم“ لاءِ عرفان خان کي بهترين اداڪار ۽ فلم”مام“ لاءِ سري ديوي کي بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ڏنو ويو . 19 هين انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊ(آئيفا) جي تقريب گذريل ڏينهن ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ ٿي جنهن ۾ انيل ڪپور، رشي ڪپور سميت شوبز انڊسٽري سان واسطو رکندڙن شخصيتن شرڪت ڪئي. ايوارڊ شو جي ميزباني جي فرض هدايتڪار ڪرن جوهر ۽ اداڪار رتيش ديشمک سرانجام ڏنا جڏهن ته تقريب کي اداڪارا ريکا، رنبير ڪپور، ارجن ڪپور، شرڌا ڪپور، ڪيريتي سينن ۽ بوبي ديول پرفارمنس چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. آئيفا ايوارڊ جو ميلو هن ڀيري ننڍي بجيٽ وارين فلمن لُٽي ورتو آهي اداڪارا وديا بالن جي فلم تمهاري سلو کي بهترين فلم جو ايوارڊ ڏنو ويو. فلم هند ميڊيم لاءِ عرفان خان کي بهترين اداڪار  جڏهن ته فلم مام لاءِ سري ديوي کي بهترين اداڪارا جو ايوارڊ ڏنو ويو جيڪو سندس مڙس بوني ڪپور ورتو. فلم هندي ميڊيم لاءِ سڪيت چوڌري کي بهترين هدايتڪار قرار ڏنو ويو جڏهن فلم مام لاءِ نواز الدين صديقي کي بهترين مددگار اداڪار ۽ فلم سيڪرٽ سپر اسٽار لاءِ مهر وج کي بهترين مددگار اداڪارا جو ايوارڊ سان نوازيو ويو. آئيفا ايوارڊ ۾ فلم جب هيري ميٽ سيجل جي گيت هوائين ڳائيندڙ  راڳي ارجيت سنگهه کي بهترين راڳي جڏهن سيڪرٽ سپر اسٽار جي گيت مين ڪون هو جي ڳائڻي ميگهنا مشرا کي بهترين ڳائڻي جو ايوارڊ ڏنو ويو. ڀارت جي ٻئي سڀ کان وڏي ايوارڊ شو ۾ اجي ديوگن جي فلم بادشاهو ۾ استاد نصرت فتح علي خان جي ريمڪس ميري رشڪ قمر کي بهترن ٻول قرار ڏنو ويو. آئيفا ايوارڊ ماضي جي سپر اسٽار سينيئر اداڪارا ريکا 20 ورهين بعد آئيفا جي اسٽيج تي جڳ مشهور گيت سلام عشق ۽ پيارن ڪيا تو ڊرنا ڪيا تي شاندار پرفارمنس ڏني.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے