18 اتوار , نومبر 2018

پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن لاءِ لاهور مان اميدوارن جي حتمي فهرست تيار ڪري ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن جي لاءِ لاهور مان اميدوارن جي حتمي فهرست تيار ڪري ورتي، قومي اسيمبلي جي تڪ 14 ۽ صوبائي اسيمبلي جي 27 سيٽن تي ٽڪيٽون فائنل ڪري ورتيون آهن. تفصيل موجب پيپلز پارٽي عام چونڊن جي لاءِ لاهور مان اميدوارن جي حتمي فهرست تيار ڪري ورتي پر پ پ 154، 161 ۽ 166 مان هڪ وڌيڪ اميدوار ٿيڻ جو فيصلو ناهي ٿي سگهيو آهي. اين اي 123 تان فراز هاشمي پيپلز پارٽي جو اميدوار هوندو، اين اي 124 تان چوڌري ظهير احمد اليڪشن ۾ حصو وٺندو، اين اي 125 تان زبير ڪاردار پيپلز پارٽي جو اميدوار هوندو. اين اي 126 تان اورنگزيب برڪي، اين اي 127 تان عدنان گورسي، اين اي 128 تان سيد ظفر علي شاهه، اين اي 129 تان افتخار شاهد ايڊووڪيٽ پيپلز پارٽي جو اميدوار هوندو. اين اي 130 تان عديل محي الدين، اين اي 131 تان عاصم محمود ڀٽي پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن ۾ حصو وٺندو، اين اي 132 تان ثمينه خالد گهرجي پيپلز پارٽي جي اميدوار هوندي. اين اي 133  تان چوڌري اسلم گل کي ٽڪيٽ جاري ڪئي ويندي، اين اي 134 تان سهيل اعواڻ، اين اي 135 تان امجد علي جٽ، اين اي 136 تان جميل منج پيپلز پارٽي جو اميدوار هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے