19 پیر , نومبر 2018

پيپلز پارٽي فيصل آباد تان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن جو اعلان ڪري ڇڏيو

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي فيصل آباد جي 10 قومي ۽ 21 صوبائي تڪن جي ٽڪيٽ جون اعلان ڪري ڇڏيو. صوبائي اسيمبلي جي 21 سيٽن مان 12 تڪن جا اميدوار فائنل ڪندي پيپلز پارٽي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو جنهن جي موجب فيصل آباد جي تڪ اين اي 101 تان طارق باجوه، 102 تان شاهه جهان کرل، 103 تان شهادت بلوچ، 104 تان راڻا وقار سعيد جڏهن ته 105 تان چوڌري اعجاز کي پيپلز پارٽي جو اميدوار نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته اين اي 106 تان سعيد اقبال، 107 تان سردار محمد، 108 تان ملڪ اصغر علي قيصر، 109 تان حاجي محمد افضل تير جي نشان تي ميدان ۾ لهندا. اين اي 110 ۾ سني اتحاد ڪونسل چيئرمين صاحبزاده حامد رضا کي پيپلز پارٽي جي حمايت حاصل هوندي جڏهن ته پ پ 99 تان راڻا شفقت، 101 تان سڪندر جتوئي، پ پ 104 تان پير غلام رسول، 105 تان راڻا فاروق سعيد، 107 تان شهباز لونا، 108 راڻا شبير، 112 تان عديل تاج کي ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت پ پ 113 ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي سني اتحاد ڪونسل جي حمايت ڪندي جڏهن ته پ پ 114 تان شڪور گجر، 115 تان نجف وڙائچ، 116 تان اشفاق حسين ۽ 117 تان چوڌري صادق پيپلز پارٽي جو اميدوار هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جي شهيد پوليس آفيسر طاهر داوڙ جي پونئيرن سان ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ قتل ٿيل ڪي پي پوليس جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے