14 بدھ , نومبر 2018

اسلام آباد ۾ متحده قبائل موومنٽ جو فاٽا ۾ ڪي پي سان گڏ چونڊن خلاف احتجاج

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) فاٽا ۾ صوبائي چونڊ خيبرپختونخواهه سان گڏ ڪرائڻ جي لاءِ متحده قبائل موومينٽ جو احتجاج ڪيو. محتده قبائل موومنٽ جي ڪارڪنن جي وڏي انگ اسلام آباد ۾ احتجاج ڪيو،  مظاهرو ڪندڙن فاٽا ۾ صوبائي چونڊ خيبرپختونخواهه سان گڏ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن ته هنن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي به مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو . مظاهرو ڪندڙن جو وڏو انگ اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ هن وقت تائين موجود آهي جتان کان هن اليڪشن ڪميشن ڏانهن وڃڻ پئي چاهيو پر علائقي ۾ پوليس  جي ڳري نفري مقرر آهي جنهن مظاهرو ڪندڙن کي ڪنڊيدار تارون لڳائي روڪي رکيو.  پوليس طرفان مظاهرو ڪندڙن کي هدايت ڪئي وئي ته هو سيڪيورٽي لائن کان اڳتي نه وڃن جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن ۾ سندن مطالبا نه مڃيا ويا ته هو سڄي پاڪستان کي بند ڪندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي: شاهه فيصل ۾ نجي اسڪول جو شاگرد پر اسرار نموني فوت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي شاهه فيصل ۾ هڪ نجي اسڪول ۾ شاگرد پر اسرار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے