20 منگل , نومبر 2018

ايون فيلڊ ريفرنس: نواز شريف ۽ مريم کي وڌيڪ 3 ڏينهن جي ڇوٽ ملي وئي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ مريم نواز جي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي لاءِ ڇوٽ جي درخواست منظور ڪئي وئي آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير شريف خاندان جي خلاف نيب ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.  ڄاڻايل ڪيس جي 22 جون تي ٿيل گذريل ٻڌڻي تي نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث حتمي دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل لندن فليٽن جو بينفيشل اونر آهي ۽ نه ئي هن جو ان سان ڪو تعلق آهي. اڄ جڏهن ٻڌڻي شروع ٿي ته جج محمد بشير پڇاڻو ڪيو ته جوابدارن مان ڪو به نظر نه پيو اچي. جنهن تي خواجا حارث جواب ڏنو ته ڪيپٽن (ر) صفدر ٿوري دير ۾ پيش ٿي ويندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته نواز شريف ۽ مريم نواز پرڏيهه ۾ آهن، ان حوالي سان درخواست جمع ڪرائڻي آهي. جنهن بعد ڪيپٽرن ريٽائرڊ صفدر عدالت جي ڪمري ۾ پهتو. ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ سندس ڌيءَ مريم نوا جي حاضري کان وڌيڪ 7 ڏينهن  جي ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست سان گڏ بيگم ڪلثوم نواز جي ميڊيڪل رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. جنهن تي جج محمد بشير نواز شريف ۽ مريم نواز کي حاضري کان 3 ڏينهن جي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. ان موقعي تي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي چيو ته ڪلثوم نواز جي بيماري جي حوالي سان ڊاڪٽر بهتر ٻڌائي سگهن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪا ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي، ان تي ڪنهن ڊاڪٽر جي صحيح ناهي. جنهن تي خواجا حارث جواب ڏنو ته بيگم ڪلثوم نواز مسلسل بيمار ۽ وينٽي ليٽر تي آهي. بعد ۾ احتساب عدالت جي جج محمد بشير ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے