18 اتوار , نومبر 2018

فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس دوران عورت اڳواڻ جو ٽڪيٽ نه ملڻ تي احتجاج

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري جي پريس ڪانفرنس دوران پارٽي جي هڪ عورت ميمبر ٽڪيٽ نه ملڻ تي احتجاج ريڪارڊ ڪرايو. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته هڪ عورت بيهي تقرير شروع ڪئي. فاطما نالي عورت جو چوڻ هو ته چونڊن جي ورڇ واري معاملي تي ناانصاف ٿي آهي. پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ چيو ته پارٽي ۾ عورتن جو اهم ڪردار آهي پر کي جنرل سيٽن تي نظرانداز ڪيو ويو. عورت جو چوڻ هو ته فواد چوڌري صاحب توهان مون کي نٿا سڃاڻون، آئون 2006ع کان پارٽي جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهيان. تحريڪ انصاف جي عورت ميمبر جو چوڻ هو ته مون پ پ پ 186 تان نامزدگي وارا ڪاغذ جمع ڪرايا پر جاءِ خالي ٿيڻ جي باوجود ٽيڪٽ ناهي ڏني وئي.  فواد چوڌري عورت کي چيو ته توهان جي ڳالهه ٿي وئي، جنهن تي عورت چيو ته فواد صاحب، توهان متاثرن جي لاءِ آواز اٿاريندا آهيو، پارٽي متاثرن جي لاءِ به آواز اٿاريو. تحريڪ انصاف جي ترجمان فاطمه نال عورت کي چيو ته بلڪل ٺيڪ، توهنا جي ڳالهه ٿيندي جنهن تي تحريڪ انصاف  جي عورت اڳواڻ چيو ته فواد صاحب، توهان ته ڳالهائيندا رهندا آهيو  اسان کي ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائڻ جو موقعو ملندو آهي.  پي ٽي آءِ جي عورت اڳواڻ چيو ته عمران خان جنهن کي ٽڪيٽ ڏني منهنجي لاءِ اُهو ئي عمران خان آهي پر خدا جي لاءِ اسان کي ته انصاف ڏياريو. فاطمه وڌيڪ چيو ته ڪيتريون ئي سينيئر عورتون آهن جن پارٽي جي لاءِ ڪم ڪيو کين انصاف ملڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين پاڪستان جي نالي تي پراڻي پاڪستان کي تباهه ڪندڙن جورستو روڪينداسين: بلاول

گلگت( ويب ڊيسڪ ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے