17 ہفتہ , نومبر 2018

انفيڪشن سبب ڪلثوم جي صحت بهتري بدران وڌيڪ خراب ٿي آهي: نواز شريف

لنڊن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته انفيڪشن جي ڪري بيگم ڪلثوم جي طبيعت بهتري بدران وڌيڪ خراب ٿيندي پئي وڃي. لنڊن ۾ هارلي ڪلينڪ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف جو چوڻ هو ته انفيڪشن  جي ڪري گذريل ڏينهن ۾ ڪلثوم نواز جي طبيعت بهترين بدران پوئتي وئي. هن چيو ته ڊاڪٽر پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن پر سڀ ڪجهه الله جي هٿن ۾ آهي، الله تعاليٰ چاهي ته سڀ ڪجهه هڪ سيڪنڊ ۾ ٺيڪ ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته دعا آهي ته الله تعاليٰ ڪلثوم نواز سميت دنيا ۾ جيترا به بيمار آهن انهن کي صحت عطا فرمائي. قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 59 تان چوڌير نثار جي مقابلي ۾ ن ليگ جو اميدوار انجنيئر قمر الاسلام جي گرفتاري بابت سوال تي نواز شريف جو چوڻ هو ته سندس گرفتار جو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو، گرفتاري بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Quaidabad blast: case registered against unknown suspects

ڪراچي: قائد آباد ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قائد آباد ۾ ڌماڪي جو ڪيس پوليس جي فرياد تي سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے