14 بدھ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ مارگلا هلز جي تحفظ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار مارگلا جي جبلن جي تحفظ لاءِ ڪميٽي جوڙيندي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ مارگلا جي جبلن تي باهه بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 3 ڏينهن تائين ٻيلن ۾ باهه لڳل رهي، سي ڊي اي وٽ باهه وسائڻ جو سامان نه هو؟ سي ڊي اي اختيارين چيو ته اسان وٽ باهه وسائڻ جا اوزار ناهن، فنڊ ملڻ کانپوءِ سامان خريد ڪنداسين، جولاءِ تي ٽئين هفتي ۾ سامان خريدڻ لاءِ فنڊ ملي ويندا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇو ته مارگلا هلز جي تحفظ لاءِ ڪميشن جوڙي ڇڏيون، جيڪا تيز رفتاري سان ڪم ڪندي رپورٽ پيش ڪري. چيف جسٽس وفاقي محتسب جي سربراهي ۾ مارگلا هلز جي تحفظ جي حوالي سان ڪميٽي جوڙيندي حڪم ڏنو ته 15 ڏينهن ۾ پنهنجي تجويز عادلت کي پيش ڪيو. ڪميٽي ۾ سي ڊي اي ۽ ميونسپل ڪارپوريشن جا نمائندا به شامل هوندا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ ” نئون پاڪستان ڪالنگ ويب پورٽل“ جو افتتاح

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزير زلفي بخاري سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے