15 جمعرات , نومبر 2018

چوڌري نثار جي نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا

Challenging the nomination papers of the party's nominated Chaudhry Nisar Ali Khan from party leadershipاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار جي نامزدگي ڪاغذن ۾ ظاهر ڪيل اثاثن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ڪاغذن موجب اثاثن جي ڪُل ماليت 6 ڪروڙ 25 لک رپين کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته وٽس ڪا به گاڏي ناهي. اڳوڻي گهرو وزير جو پاڪستان کان ٻاهر ڪو ڪاروبار ناهي، نه ئي سيڙپڪاري، جڏهن ته ان جا بئنڪ ۾ هڪ ڪروڙ 95 لک رپيا آهن. ڪاغذن موجب چوڌري نثار وٽ 2 لک 35 هزار رپين جو فرنيچر آهي ۽ هن ڪنهن بئنڪ يا مالياتي اداري کان قرض ناهي ورتو. چوڌري نثار جي گهرواري يا گهر جو ڪو فرد ڊفالٽر ناهي، نه هو پاڻ ڪاروبار ڪندو آهي ۽ نه وري سندس گهر جو ڪو ٻيو ماڻهو بزنس ڪندو آهي. دستاويزن موجب چوڌري نثار جي گهرواري ۽ ڌيءُ سندس ڪفالت هيٺ آهن، سندس آمدني جي ذريعن ۾ زرعي انڪم، ڀاڙو ۽ ملڪيت ذريعي وصوليون آهن. چوڌري نثار 5 پرڏيهي دورا ڪيا ۽ اهي سمورا سرڪاري دورا هئا، وٽس ٻئي ملڪ جي شهريت ناهي ۽ نه ئي هن ان ڏس ۾ ڪا درخواست ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان 5 ايراني مغوي گارڊ بازياب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان اغوا ٿيل ايراني گارڊن مان 5 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے