14 بدھ , نومبر 2018

چوڌري نثار جي مقابلي ۾ بيٺل ن ليگ اميدوار گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيب قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 59 تي چوڌري نثار جي مقابلي ۾ بيٺل ن ليگ اميدوار انجنيئر قمر الاسلام کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ن ليگ طرفان اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ کانپوءِ 24 ڪلاڪن اندر ئي نيب حرڪت ۾ اچي ويو ۽ انجنيئر قمر الاسلام کي گرفتار ڪيو ويو آهي. نيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي ايم پي اي انجنيئر قمر الاسلام کي صاف پاڻي اسڪيم ۾ ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته قمر الاسلام جي گرفتاري افسوسناڪ آهي. ٻئي پاسي چوڌري نثار پڻ پنهنجي بيان ۾ قمر الاسلام جي گرفتاري جي مذمت ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته اميدوار کي گرفتار ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي، نيب جي ان قدم سان چونڊون تڪراري ٿي سگهن ٿيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مشرف ڪيس: اشتهاري جوابدار جي سرينڊر ڪرڻ تائين درخواست نٿا ٻڌي سگهون: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جيستائين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے