20 منگل , نومبر 2018

نيوز: بدين: ناري کي  ڊليوري نه ڪرائڻ واري معاملي بابت  ٽي رڪني جاچ ڪاميٽي قائم

Badin: Three unit committee on the case of woman delivery*ٽنڊي باگي  جي ناري نزحت جي انڊس اسپتال بدين ۾ ڊليوري نه ڪرائڻ واري خبر تي ڊسٽرڪٽ سيشن جج جي حڪم تي ڊي ايڇ او هيلٿ ٽي رڪني جاچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي.

سيشن جج  بدين جاويد احمد بلوچ جي نوٽيس وٺڻ بعد ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين ڊاڪٽر محبوب علي خواجا ٽي رڪني جانچ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آھي.

 ڊي ايڇ او ھيلٿ جي جوڙيل ٽي رڪني جانچ ڪاميٽي ۾ ڊاڪٽر عبدالرشيد آرائين، ڊاڪٽر نور محمد کوسو ۽ ڊاڪٽر نسيم کي شامل ڪيو ويو آھي.

جاچ ڪاميٽي  عورت نزحت سھيل معاملي جي جانچ ڪري رپورٽ ڊي ايڇ او ھيلٿ حوالي ڪندي.

 ڊي ايڇ او ھيلٿ بدين  ڊاڪٽر محبوب خواجھ موجب جانچ جلد مڪمل ڪري عدالت ۾ رپورٽ جمح ڪرائي ويندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے