18 اتوار , نومبر 2018

ماهرا خان جي معذرت بعد مايا علي جي فلم”پري هٽ لو“ ۾ انٽري

mahera Khan's apologies, after the Maya ali movie "Pare Hatt Love", entriڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان رومانوي مزاحيه فلم ”پري هٽ لو“ ۾ ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. جنهن بعد خبرون اچي رهيو آهن مايا علي فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي. اڄ ڪلهه سوشل ميڊيا تي مايا علي جي هدايتڪار عاصم رضا ۽ فلم جي مرڪزي اداڪار شهريار منور سان ملاقات جون تصويرون وائرل ٿي رهيون آهن. جنهن بعد خبرون گرم آهن ته مايا علي ٻي فلم سائن ڪري ورتي آهي ۽ هاڻ” پري هٽ لو“ ۾ ماهرا خان جي جاءِ تي هو شهريار منور سان گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي. فلم” پري هٽ لو“ عاصم رضا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ٻي فلم آهي ان کان اڳ سندس فلم” هومن جهان“ ۾ ماهرا خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو.  ذريعن موجب ماهرا خان مصروفيتن سبب تاريخ موجود نه هئڻ ڪري فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان معذرت ڪئي آهي، جنهن بعد مايا علي کي مرڪزي ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيو ويو آهي. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ زارا نور عباس ۽ احمد علي بٽ پڻ شامل آهن. فلم ”پري هٽ لو“ جي شوٽنگ هلندڙ سال سپٽمبر ۾ شروع ڪئي ويندي ۽ اها ايندڙ سال عيد الضحيٰ جي موقعي تي ريليز ڪئي ويندي. ياد رهي ته مايا علي خان جي اڄ ڪلهه 20 جولائي تي ريليز ٿيندڙ پنهنجي ڊبيو فلم” طيفا ان ٽربل“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي، جنهن ۾ هن علي ظفر سان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

”جب هيري ميٽ سيجل“ فلاپ فلم هئي: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ رخ خان اعتراف ڪندي چيو آهي ته فلم ”جب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے