14 بدھ , نومبر 2018

لاڙڪاڻي ۾ چيف جسٽس جي ڪاوڙ کي منهن ڏيندڙ جج استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) هلندڙ هفتي لاڙڪاڻي ۾ سيشن ڪورٽ جي دوري دوران چيف جسٽس ثاقب نثار جي ڪاوڙ کي منهن ڏيندڙ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گل ضمير سولنگي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز جج گل ضمير سولنگي پنهنجي استعيفيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار حوالي ڪري ڇڏي آهي. استعيفيٰ جي متن موجب مان 20 مارچ 2017ع کان لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهيان، چيف جسٽس ثاقب نثار عدالتي ڪارروائي دوران منهنجي عدالت جو دورو ڪيو، ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ موبائيل کڻي ميز تي ڦٽو ڪيو. گل ضمير سولنگي موجب چيف جسٽس جي دوري جي ويڊيو اليڪٽرانڪ، پرنت ۽ سوشل ميڊيا تي ڏيکاري وئي جنهن سبب منهنجي ساک متاثر ٿي آهي. جج گل ضمير سولنگي چيو ته اهڙين حالتن ۾ مان پنهنجي ڪم جاري نه ٿو رکي سگهان تنهن ڪري استعيفيٰ ڏئي رهيو آهيان.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عافيه صديقي جي آزاديءَ ۽ ڏيهه واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي: سينيٽ بريفنگ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت سينيٽ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ قيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے