16 اتوار , دسمبر 2018

ايشيا ڪپ 2018: پاڪستان ۽ روايتي مخالف ڀارت جو 21 سپٽمبر تي مقابلو ٿيندو

دبئي(اسپورٽس نيوز) هلندڙ سال ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ روايتي مخالف ڀارت جو مقابلو 21 سپٽمبر کي ٿيندو، ون ڊي فارميٽ ۾ ٿيندڙ ان ايونٽ جون سموريون ميچون دبئي ۽ ابوظهبي ۾ کيڏيون وينديون. ڄاڻايل شيڊول موجب 18 سپٽمبر تي پهرين ميچ پاڪستان ۽ ڪوليفائر جي وچ ۾ کيڏي ويندي، ساڳي ئي ڏينهن ته بنگلاديش جي ٽيم سريلنڪا سان مهاڏو اٽڪائيندي، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي پهريون ميچ ٻئي ڏينهن تي ڪوليفائر سان کيڏندي. 21 سپٽمبر تي پاڪستان کي ڀارت جي مقابلي کان سواءِ بنگلاديش ۽ افغانستان جو وچ ۾ پڻ مقابلو ٿيندو. ان کان اڳ آگسٽ ۾ ملائيشيا ۾ ايشيا ڪپ ڪوليفائر ايونٽ ٿيندو جنهن جي فاتح ٽيم ايشيا ڪپ ۾ پهريان پاڪستان ۽ بعد ۾ ڀارت سان مقابلو ڪندي. ايشيا ڪپ جو گذريل ايڊيشن ٽي 20 فارميٽ ۾ ٿيو هو، پر ايندڙ سال عالمي ڪپ سبب ان ڀيري اهو ايونٽ ون ڊي فارميٽ ۾ منعقد ٿيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پي سي بي پاڪستان سپر ليگ فور جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو

llلاهور ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايسل ايل فور لاءِ شيڊول جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے