16 اتوار , دسمبر 2018

نيوز: لاڙڪاڻو: چيف جسٽس جي ڪاوڙ کي منهن ڏيندڙ جج   عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Larkana: Judge resigned due to misbehaved by chief justice*لاڙڪاڻي جي سيشن ڪورٽ جي جج گل ضمير سولنگي چيف جسٽس  ثاقب نثار جي رويي خلاف پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

هلندڙ هفتي لاڙڪاڻي ۾ سيشن ڪورٽ جي دوري دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي ڪاوڙ  کي  منهن ڏيندڙ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج گل ضمير سولنگي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشنز جج گل ضمير سولنگي طرفان پنهنجي استعيفيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي موڪلي ڇڏي.

استعيفي جي متن موجب 20 مارچ 2017 کان لاڙڪاڻي ۾ ايڊيشنل اينڊ سيشنز جج طور عهدي تي هو ڪم ڪري رهيو آهي، چيف جسٽس ثاقب نثار عدالتي ڪارروائي دوران هن جي عدالت جو دورو ڪيو، ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سندس موبائيل کڻي ميز تي هنئي.

گل ضمير سولنگي موجب چيف جسٽس جي دوري جي وڊيو اليڪٽرانڪ ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي ڏيکاري پئي وڃي، جنهن سان هن جي ساک بري طرح متاثر ٿي آهي.

 جج گل  ضمير سولنگي وڌيڪ چيو آهي تھ اهڙين حالتن ۾ هو پنهنجي نوڪري جاري نھ ٿو رکي سگهي.

واضح رهي تھ 23 جون تي چيف جسٽس ثاقب نثار لاڙڪاڻي جي سيشن ڪورٽ جي دوري دوران ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ۽ سيشنز جج گل ضمير سولنگي جي موبائيل فون ڏسي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هو.

 چيف جسٽس موبائيل کڻي اڇلايو هو  جڏهن تھ ڄاڻايل جج جي بدلي جو بھ حڪم ڏنو هو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ميرپورخاص : نيشنل سوشل اڪنامڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري

ميرپورخاص  ۾ گورنمينٽ پا ڪستان پاران نيشنل سوشل ايڪانومڪ رجسٽري جو آگاھي مھم سلسو جاري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے