20 منگل , نومبر 2018

مخالف طاقتن ۾ اختلاف وچ اوڀر کي وڏي تڪرار ۾ ڌڪي سگهي ٿي: مليحا لوڌي

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل سفير مليحا لوڌي چيو آهي ته اهم علائقائي ۽ مخالف طاقتن ۾ اختلاف وچ اوڀر کي وڏن تڪرار ۾ ڌڪي سگهن ٿا. سلامتي ڪائونسل ۾ وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا تي بحث دوران پاڪستاني جي سفير مليحا لوڌي خطاب ڪندي چيو ته  علائقائي ڇڪتاڻ ۽ وڏين طاقتن سان وچ اوڀر  جا تڪرار پکڙجي سگهن ٿا جتي گهڻ رخن چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جٽادار حڪمت عملي جي ضرورت آهي.  هن چيو ته هڪ طرفن قدمن ۽ غلط اندازا خطي جي عوام لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪندا آهن، وچ اوڀر ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب فلسطين جو مسئلو حل نه ٿيڻ آهي. سندس چوڻ هو ته فلسطين جي معاملي تي ٻطرفي رياستي حل کي عالمي برادريءَ سامهون چيڀاٽيو پيو وڃي ۽ سلامتي ڪائونسل طرفان ڪارروائي نه ڪرڻ سبب صورتحال خراب ٿي آهي. مليحا لوڌي چيو ته وچ اوڀر ۾ امن جو رستو فلسطين مسئلي جي حل ۾ آهي، يمن ۾ 22 ملين ماڻهن کي پيش صورتحال مسئلي جي سياسي حل جي گهر ڪري ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے