18 اتوار , نومبر 2018

فلم ”جواني ڦر نهين آني2“ جو ٽريلر جاري

ڪراچي(شوبز نيوز) همايون سعيد ۽ فهد مصطفيٰ جي فلم”جواني ڦر نهين آني 2“ جي ٽريلر ريليز ٿيندي ئي ڌم مچائي ڇڏي. 2015 ۾ ريليز ٿيل ڪامياب پاڪستاني فلم” جواني ڦر نهين آني“ جي سيڪوئل جواني ڦر نهين آني 2“  جو ٽريلر جاري ڪيو ويو. جواني ڦر نهين آني ڪاميڊي سان ڀرپور تمام بهترين فلم هئي جنهن ۾ ادڪار همايو  سعيد، حمزا عباسي، واسع چوڌري، احمد علي بٽ، عائشه خان، مهوش حيات ۽ سوهائي علي ابڙو پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هئا،  اهو ئي سبب آهي جو پاڪستاني مداح فلم جي سيڪوئل جي بي صبري سان انتظار ڪري رهيا هئا، پهرين فلم جي ڪاميابي بعد ٻي فلم مان پڻ تمام گهڻيو هو. گذريل ڏينهن ريليز ٿيندڙ ٽريلر واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ايڪشن، مزاح، سسپنس سان ڀرپور فلم”جواني ڦر نهين آني 2“ عيد الضحيٰ تي پاڪستاني مداحن لاءِ  عيد جو خوبصورت تحفو ثابت ٿيندي.  جواني ڦر نهين آني 2 ۾ حمزا علي عباسي جي جاءِ تي فهد مصطفيٰ کي ڪاسٽ ڪيو ويو آهي، ٽريلر ۾ فهد مصطفيٰ کي فلم جي مرڪزي ڪردار همايون سعيد جي دوست طور سامهو ايندو آهي، انڪري اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته فلم جو مرڪزي هيرو ڪير آهي. هن ڀيري اداڪارا ماورا حسين ۽ ڪبريٰ خان پنهنجي ادائن جا جوهر ڏيکاريندي نظر اينديون، فلم جي سيٽ ۽ سينماٽوگرامي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو فلم تي تمام گهڻو پيسو خرچ ڪيو ويو آهي. فلم همايون سعيد ايڪشن سان گڏوگڏ پنهنجي مزاحيه ڊئلاگن  سان سڀني کي محفوظ ڪيو آهي.  همايون سعيد کي پاڪستان جو شاهه رخ چيو ويندو آهي ان مناسبت سان هن فلم ۾ شاهه رخ خان جي فلم” رئيس“ جو مشهور ڊئيلاگ” امي جان ڪهتي ٿي“ جي وڏي مزاحيه انداز ۾ نقل ڪيو آهي. همايون سعيد، فهد مصطفيٰ، واسع چوڌري، احمد بٽ، ماورا حسين، ڪبريٰ خان، ثروت گيلاني ۽ سهيل احمد جهڙي ڌماڪيدار ڪاسٽ تي ٻڌل فلم” جواني ڦر نهين آني2“ عيدالضحيٰ جي موقعي تي ريليز ڪئي ويندي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Justin Bieber Creates Instagram Account For New Clothing Line, Follows Only Himself

جسٽن بائيبر  ماڊل هيلي هيلڊوين سان شادي ڪري ڇڏي

اوٽاوا( شوبز نيوز ) ڪئينادا جي پاپ راڳي جسٽن بائيبر اسنٽاگرام پوسٽ ذريعي آمريڪي ماڊل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے