16 جمعہ , نومبر 2018

سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچي کي الاٽيس کان پئسا وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

The petition filed against Chief Justice Metro Rawalpindi filedاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون ڪراچيءَ طرفان زمين خريد ڪندڙن کان رقم وصول ڪرڻ کي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي رقم وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ بحريا ٽائون بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي جنهن دوران ملڪ رياض جو وڪيل چوڌري اعتزاز احسن پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته بحريا ٽائون  پئسا وصول ڪندڙ ماڻهن کي نوٽيس جاري ڪري رهي آهي، اهو عمل عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي. وڪيل اعتزاز احسن چيو ته بحريا ٽائون رقم جي اوڳاڙي لاءِ نوٽيس نه موڪليا آهن، اسان ڪنهن کي به رقم جمع ڪرائڻ جو نه چيو آهي. چيف جسٽس چيو ته پوءِ ملڪ رياض کي به گهرايو، هن ملڪ مان کاڌو آهي ته ان کي واپس به ڪيو وڃي.  اعتزاز احسن چيو ته ملڪ رياض ريگستان ۾ شهر ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته توهان جي اصيل جي ڳالهه نه ڪري رهيو آهيان پر جيڪڏهن ڪو رابن هوڊ وانگر چوري ڪري ماڻهن ۾ ورهائي ۽ ريگستان ۾ شهر ٺاهي ته ڇا اهڙي عمل کي درست قرار ڏئي ڇڏيون، اسان کي اهڙي شخص سان ڪابه همدردي ناهي جيڪو غير قانوني ڪم ڪري ماڻهن کي نقصان پهچائي، اها نظرثاني جي درخواست آهي، ان معاملي تي فيصلو ٿي چڪو آهي، هاڻي ڏسنداسين. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ۽ اعتزاز احسن ۾ جملن جي ڏي وٺ به ٿي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو ته انشاءَ الله توهان پنهنجي اصيل خلاف دليل ڏيندا. هن چيو ته اسان ڪراچيءَ ۾ بلند عمارتن جي اڏاوت تي به پابندي لڳائي آهي، بحريا ٽائون کي ڪراچي ۾ 20 ماڙ عمارت اڏڻ جي اجازت ڪنهن ڏني آهي، هن ملڪ جي هڪ هڪ پائي واپس ڪرڻي پوندي. اعتزاز احسن چيو ته پابندي هاڻي لڳي آهي، اڏاوت پهريون ٿي آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اڏاوتون اڃا به جاري آهن، نيب وٽ ڪيس پهريون کان آهي، توهان پنهنجي اصيل کي چئو ته نيب اڳيان پيش پوي. اعتزا احسن چيو ته بحريا ٽائون مان رقم حڪومت وانگر نڪرندي آهي، چيف جسٽس ملڪ رياض جي وڪيل کي چيو ته حاجي صاحب کي چئو ته عدالت سامهون اچي بيهي،ڇا ملڪ رياض کي عدالت ۾ اچي بيهي ۾ عيب محسوس ٿي رهيو آهي.  چيف جسٽس ملڪ رياض جو نالو کڻڻ کانسواءِ رمارڪس ڏنا ته هو اربين ڊالر جو مالڪ بڻجي ويو، سياست ۾ هو ماڻهن کي ٺاهيندو ۽ ڊاهيندو به آهي. هن چيو ته بحريا ٽائون جي برانڊ نالي  جو مسئلو آهي، انصاف ڪنداسين، عدلات بحريا ٽائون ڪراچي کي پئسا وصول ڪرڻ کان روڪيندي ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے