17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: سکر: اليڪشن ٽريبيونل ۾ اين اي 204 گھوٽڪي تي خالد خان لنڊ خلاف داخل اعتراض رد

Sukkur: Call into question upon Khalid khan lund cancelled in election tribunal NA 204 Ghotki*سکر اليڪشن ٽريبيونل ۾ اين اي 204 گھوٽڪي تي خالد خان لنڊ خلاف داخل اعتراضن کي ٽريبيونل جي جج جسٽس فھيم صديقي رد ڪندي خالد لنڊکي اليڪشن وڙھڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ٽريبيونل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد لنڊ چيو تھ  مخالفن هن مٿان  ڪوڙو اعتراض داخل ڪيو جنھن کي ٽريبيونل جج رد ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو تھ  اليڪشن ۾ علي گوھر مھر ۽ سندس ساٿين کي بري شڪست نصيب ٿيندي.

خالد لنڊ  الزام مڙهيندي چيو تھ علي گوھر مھر منافق آھي ھو مفاد خاطر پ پ ۾ شامل ٿيو، سندس منافقت مان ھر ماڻھو واقف آھي.

هن چيو تھ پ پ سڄي سنڌ ۾  ايندڙ اليڪشن ۾ ڪاميابي ماڻي حڪومت ٺاهيندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے