16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: نئونديرو: ايڪشن ڪميٽي جي  سڏ تي بجلي جي  هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف سڀاڻي هڙتال جو سڏ

Nau dero: Strike on electricity loadshedding*نئين ديري ۾  ايڪشن ڪميٽي جي  سڏ تي بجلي جي  هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف سڀاڻي هڙتال جو سڏ ڏئي شهرين ۽ دڪاندارن ۾ پمفليٽ ورهايا.

ايڪشن ڪميٽي جي  چيئرمين غلام حيدر ناريجي ۽ شهرين سياسي سماجي  اڳواڻن وريام چني سليم چني  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ  خلاف سڀاڻي هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو  آهي.

اڳواڻن  شهر ۾ پمپليت ورهائي شهرين کي ۽ دڪاندارن کي چيو ته سڀاڻي بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿيڻ خلاف پنهنجو ڪاروبار بند  ڪري هنن جو ساٿ ڏيو.

شهر جي  ڪاروباري ماڻهن ۽ سياسي سماجي تنظيمن کين  يقين ڏياريو تھ   هو  سڀاڻي شٽر بند هڙتال ڪري احتجاج ۾ شامل ٿيندا.

ان موقعي تي شهري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين غلام حيدر ناريجي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  سڀاڻي ميونسپل ڪاميٽي ۾ سڀ گڏ ٿي  هو واپڊا آفيس جي اڳيان ڌرڻو هڻندا.

هن چيو تھ  جيستائين بجلي جي لوڊشيڊنگ  ختم نھ ڪئي ويندي  تيستائين  سندن احتجاج جاري رهندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:حيدرآباد: رڪشا ڊرائيورن جو پارڪنگ في وٺڻ خلاف احتجاج

*حيدرآباد ۾  اسريٰ يونيورسٽي سامهون رڪشا بيهاريندڙ ڊرائيورن کانئن زبردستي پارڪنگ في وٺڻ خلاف حيدرآباد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے