14 بدھ , نومبر 2018

جيڪي شاهديون نواز شريف خلاف استعمال ٿيڻيون آهن تنهن تي بحث جو موقعو ملڻ گهرجي: خواجه حارث

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث چيو ته واجد ضياءَ جو بيان آهي ته لنڊن فليٽس شريف خاندان جا آهن، جاچ آفيسر چوي ٿو ته نواز شريف بي نامي ۽ اصل مالڪ آهي،  جيڪي شاهديون نواز شريف خلاف استعمال ٿيڻيون آهن تنهن تي آڏي پڇا ٿيڻ گهرجي. ان موقعي تي نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس جي شاهد سدره منصور چئي چڪي آهي ته مان چارٽ پاڻ تيار نه ڪيو آهي پر آڊيٽر رپورٽ تي چارٽ حاصل ڪيو ۽ موزيڪ فونيڪا حڪومتي لا فرم ناهي پر خانگي آهي تنهن ڪري اهو چارٽ نواز شريف خلاف استعمال نه ٿو ڪري سگهجي. نيب پراسيڪيوٽڙ سردار مظفر چيو ته خواجه حارث تمام گهڻو وقت وٺي رهيو آهي، مون کي جلدي دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. نواز شريف جي وڪيل چيو ته طبيعت ٺيڪ ناهي پوءِ به پيش ٿي رهيو آهيان، آخري دليل جلد مڪمل ڪري وٺندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عافيه صديقي جي آزاديءَ ۽ ڏيهه واپسي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي: سينيٽ بريفنگ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت سينيٽ ڪميٽي کي آگاهه ڪيو آهي ته آمريڪا ۾ قيد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے