18 اتوار , نومبر 2018

ايشوريا راءِ ۽ انيل ڪپور جي فلم فني خان جو پهريون ٽيزر جاري

Aishwarya Rai and Anil Kapoor movie Phen Khan's first test continuesممبئي(شوبز نيوز) اڳوڻي سونهن راڻي ايشوريا راءِ بچن ۽ انيل ڪپور جي فلم ”فني خان“ جو پهريون ٽيزر جاري ٿي ويو. فلم” فني خان“ ۾ ايشيوريا راءِ بچن، انيل ڪپور ۽ راج ڪمار رائو جي مرڪزي ڪردارن ۾ نظر ايندا پر فلم جي خاص ڳالهه اها آهي ته ايشوريا راءِ انيل ڪپور 17 ورهين بعد گڏ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندا. اڳوڻي سونهن راڻي جي اها فلم عيدالفطر جي موقعي تي ريليز ٿيڻي هئي، پر فلم جي پروڊيوسر سلمان خان جي ”ريس3“ سان گڏ باڪس آفيس تي ٽاڪراءُ کان پاسو ڪندي ريليز جي تاريخ ملتوي ڪري ڇڏي هئي. فلم جو پهريون پوسٽر گذريل ڏينهن جاري ڪيو ويو هو پر هاڻ فلم جو پهريون ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ايشوريا راءِ جي انداز ڏسندڙن کي موهڻ لاءِ ڪافي آهي. 57 سڪينڊن ي ٻڌل فلم فني خان جي ٽيزر ۾ انيل ڪپور ۽ راج ڪمار رائو کي پڻ ڏيکاريو ويو آهي. فلم فني خان 3 آگسٽ تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي جنهن جو پروڊيوسر خود انيل ڪپور آهي. ياد رهيته انيل ڪپور ايشوريا راءِ   تال ۽ همارا دل آپ ڪي پاس هي جهڙين بلاڪ بسٽر فلمن ۾ گڏ ڪم ڪري چڪا آهن جڏهن ته ٻنهي اداڪارن فلم همارا دل آپ ڪي پاس هي ۾ 2000 ۾ آخري ڀيرو گڏ نظر آيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Justin Bieber Creates Instagram Account For New Clothing Line, Follows Only Himself

جسٽن بائيبر  ماڊل هيلي هيلڊوين سان شادي ڪري ڇڏي

اوٽاوا( شوبز نيوز ) ڪئينادا جي پاپ راڳي جسٽن بائيبر اسنٽاگرام پوسٽ ذريعي آمريڪي ماڊل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے