17 ہفتہ , نومبر 2018

جتڪ، رند، نواني ڀائرن ۽ نصرالله دريشڪ کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پ پ بلوچستان جي صدر علي مدد جتڪ، تحريڪ انصاف جي نصرالله دريشڪ، يار محمد رند ۽ نواني ڀائرن کي وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. ڪوئيٽا جي اپيلٽ ٽربيونل ۾ نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي وئي. ٽربيونل پ پ جي صوبائي صدر علي مدد جتڪ جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ آر او جو فيصلو برقرار رکندي علي مدد جتڪ کي چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. علي مدد جتڪ بلوچستان جي صوبائي تڪ پي پي 31 ڪوئيٽا تان پ پ جو اميدوار هو، جڏهن ته هن ٽربيونل جي فيصلي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي.اين اي 194 تان پي ٽي آءِ جي اميدوار نصرالله دريشڪ کي نامزدگي ڪاغذن ۾ قرض معاف ڪرائڻ جو ذڪر نه ڪرڻ تي چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. اپيلٽ ٽربيونل تحريڪ انصاف بلوچستان جي صوبائي صدر يارمحمد رند کي به چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي. نواني ڀائر به چونڊن جي ميدان مان آئوٽ ٿي ويا آهن. ڌرين ٽربيونلز جي فيصلن کي هاءِڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے