16 جمعہ , نومبر 2018

سلمان خان جي فلم ”ريس ٿري“ 100 بدترين فلمن ۾ شامل

Salman Khan's movie "Rai Thari" was included in 100 worst moviesممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ جي دبنگ اداڪار سلمان خان جي فلم ريس 3 جي رفتار کي بريڪ لڳي وئي فلم دنيا جي 100 بدترين فلمن ۾ شامل ٿي وئي. فلمن بابت ريڪارڊ رکندڙ ويب سائٽ آءِ ايم ڊي بي باليووڊ ۽ هاليووڊ جي فلمن بابت فهرست تيار ڪئي آهي جنهن موجب عيدالطر جي موقعي ته رليز ٿيل سلمان خان ۽ بوبي ديول جي فلم ريس 3 کي دنيا جي هڪ سئو بدترين فلمن مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي. فهرست ۾ ريس ٿري 73 هين نمبر تي موجود آهي. آءِ ايم ڊي بي سوشل ميڊيا تي فلم کي ملندڙ ردعمل ۽ تبصرن کي نظر ۾ رکندي فهرست تيار ڪئي آهي. فلم کي 5 مان رڳو 2.6 اسٽار مليا آهن.جڏهن ته مداحن جي گهڻي قدر انگ فلم جي ڪهاڻي کي ڪمزور قرار ڏنو ويو آهي، اهو ئي نه ڪجهه ڏينهن اڳ گوگل پڻ سلمان خان کي فلم ريس3 جي ريليز هئڻ بعد بدترين اداڪار قرار ڏنو هو. عيدالفطر جي موقعي ته ريليز ٿيڻ سبب فلم کي عيد جي موڪلن جو فائدو حاصل رهيو، انڪري فلم باڪس آفيس تي سٺو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ فلم ٽن ڏينهن ۾ 100 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جو بزنس ڪيو. جڏهن ٻئي هفتي ۾ فلم رڳو 16 ڪروڙ ڪمائي سگهي. 150 ڪروڙ جي بجيٽ سان ٺاهيل فلم ريس3  يارنهن ڏينهن ۾ رڳو 156 ڪروڙ رپيا ئي ڪمائي سگهي آهي. فلمي تجزينگار ڪول نهتا چيو آهي ته فلم جي گهٽ بزنس سبب ڊسٽريبيوٽرن کي وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو، پرڏيهي ملڪن ۾ بزنس کي گڏائي ڪري فلم جو بزنس 255 ڪروڙ رپين تائين پهچي چڪو آهي.  ٿيڻ ائين گهرجي ها ته فلم رڳو ڀارت ۾ 190 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪرڻ گهرجي ها، پر تازين حالتن کي ڏسندي لڳي رهيو آهي ته فلم 175 ڪروڙ رپين به ڪمائي ڪري وئي ته اها غنيمت آهي. ريس 3 کانسواءِ فهرست ۾ وڌيڪ باليووڊ فلمن ۾ همت والا، هم شڪلز ۽ ڪيا ڪول هين هم شامل آهن. ياد رهي ته ريموڊيسوزا جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ريس 3 ۾ سلمان خان کانسواءِ بوبي ديول، انيل ڪپور، ڊيزي شاهه، ثاقب سليم ۽ جيڪولين فرنانڊس شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شبانا اعظمي ۽ جاويد اختر فيض امن ميلي ۾ شرڪت لاءِ لاهور پهچي ويا

لاهور (شوبز نيوز) مشهور ڀارتي فلم اسٽار شبانا اعظمي ۽ سندس مڙس جاويد اختر فيض …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے