17 ہفتہ , نومبر 2018

اليڪشن ڪميشن طرفان عام چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري، سمري رواني

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ پاڪ فوج  کي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏيندي سمري بچاءَ واري وزارت کي موڪلي ڇڏي آهي.  عام چونڊن ۾ پاڪ فوج جي مقرري جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن ۽ بچاءَ واري وزارت ۾ معاملا طئي ٿي ويا آهن.  اليڪشن ڪميشن جي سمري ۾ چيو ويو آهي ته ساڍن ٽن لک فوجي اهلڪارن جي ضرورت آهي ۽ پولنگ اسٽيشنز جا تفصيل بچاءَ واري وزارت کي موڪليا وياآهن. بچاءَ واري وزارت اڍائي لک فوجي ڏيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي ۽ آخري منظوري کانپوءِ فوجي جوانن جي مقرري جو فيصلو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته پولنگ کان هڪ ڏينهن اڳ پاڪ فوج ڪنٽرول سنڀاليندي ۽ پرنٽنگ پريس جي نگراني به پاڪ فوج کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے