17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: نصيرآباد: شهري اتحاد جي سڏ تي بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف شاميانا لڳائي ڌرڻو

Nasirabad: Protest against load shedding of electricity*نصيرآباد  ۾ شهري اتحاد جي سڏ تي بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ خلاف گرڊ اسٽيشن جي مک دروازي تي شاميانا لڳائي ڌرڻو هنيو ويو آهي.

مرتضيٰ  چانڊئي، يونس راھو، سينگار نوناري، ضمير مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گرڊ اسٽيشن جي مک دروازي تي شاميانا لڳائي  ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  ايس ڊي او سيپڪو نصيرآباد پنھنجي چوري لڪائڻ لاءِ شھر جي سوا لک عوام کي سزا ڏئي رھيو آھي.

 هنن چيو تھ  شھر جا 5 ٽرانسفارمر سڙيل آھن، جيڪي مرمت نه ٿا ڪرايا وڃن.

 احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو تھ بجلي بند هئڻ سبب ڪيترائي شھري لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، اسپتالن ۾ مريض تڙپي رھيا آھن، شهرين جو جيئڻ عذاب بڻجي ويو آهي.

هنن سيپڪو انتظاميھ کي چتاءُ ڏنو تھ جيستائين هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم نھ ڪئي ويندي اوستائين هنن جو ڌرڻو جاري رهندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے